رام الله- 18 مارچ (اي پي پي) اسرائيل فوج غزه جي سڀ کان وڏي الشفا اسپتال ۾ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. الجريزه مطابق غزه جي صحت وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آ??ي ته اسرائيلي فوج ٽينڪن کان گهيري ۾ وٺي ورتو آ??ي ۽ اسپتال ۾ فائرنگ ۽ گوله باري شروع ڪري ڇڏي آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسپتال تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ گوله باري جي نتيجي ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي پيا جڏهن سرجيڪل ڪمپليڪس ۾ باهه لڳي وئي آهي. غزه جي صحت وزارت چيو ته هو الشفا جي اندر طبي ع??لي، مريضن ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جي زندگين جو ذميوار اسرائيل آهي. اهي ??ار??وائيون عالمي انساني قانون جي خلاف ورزي آهن. غزه جي صحت وزارت جو چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ 30 هزار ماڻهن جن ۾ بي گهر شهري، زخمي مريض ۽ طبي ع??لو شامل آهي الشفا اسپتال ۾ ڦاٿل آهن.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار