پيانگ يانگ -13 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا چيو آهي، ته روس س??ن اسان جي گڏيل لاڳاپن ۾ هٿي ڏيڻ هڪ حقيقت آهي ۽ آمريڪا کي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ گهرجي. اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو ايجنسي مطابق اتر ڪوريا پرڏيهي وزارت آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٽوني بلنگڪن طرف??ن اتر ڪوريا ۽ روس جي گڏيل لاڳاپن تي تنقيد خلاف رد عمل ج?? اظهار ڪندي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته انٽوني بلنڪن جو بيان ه?? دفعو ٻيهر تصديق ڪري ڇڏي آهي ته آمريڪا ٻن خودمختيار حڪومتن جي گڏيل لاڳاپن ۾ هٿي وٺائڻ بابت ابهام جو شڪار آهي. هن چيو ته روس ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپا هڪ حقيقت آهن ۽ آمريڪا کي ان حقيقت جو عادي ٿيڻ گهرجي ڇو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا هاڻي کان پوءِ ??ڌي?? جاري رهندا.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج