گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل کانپوءِ گڏيل قومن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر ڪينيڊا سان تازي ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون حوالو ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ ميمبر رياستن تي زور ڀريندي چيو ته هو دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ تشدد خلاف قدمن جو تعين ڪرڻ لاءِ سياسي سهولت جي اجازت نه ڏ??ن. ??ن گڏيل قومن جي جنرل اسي??بل?? جي 78 هين اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جو ڌيان ڀارت جي سربراهي ۾ ٿيندڙ جي 20 اجلاس، عالمي معاملن ۾ ڀارتي قيادت جي ڪردار ۽ ڀارتي خلاباز جو چنڊ تي و??ڻ جهڙين ڪامياب??ن طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته جڏهن اسان هڪ مڃيل طاقت بڻجڻ جي خواهش ??کو?? ٿا ته هي پنهنجي برتري لاءِ ناهي پر وڌيڪ ذميواري کڻڻ ۽ وڌيڪ تعاون ڪرڻ لاءِ آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي لاءِ جيڪي هدف مقرر ڪيا آهن اهي اسان کي انهن سمورن ماڻهن کان مختلف ڪندا جن جو عروج اسان کان پهرين هو. حقيقت ۾ گڏيل قومن ۾ ڀارت جي عادت آهي ته هو سڌو سنئون پنهنجي تنقيد تي ڳالهه ناهي ڪندو، ان ڏس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته دنيا کي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته سياسي سهولت دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ تشدد جي قدمن جو تعين ڪري ٿي.
سک اڳواڻ جو قتل: گڏيل قومن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ڪينيڊا سان تازي ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون حوالو ڏيڻ کان پاسو
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ