لنڊن -26 سيپٽ??بر (اي پي پي) شهزاده هيري کي مبينه طور تي چيو ويو آهي، ته جيڪڏهن هو شاهي رهائشگاهه ۾ رهڻ چاهي ته کيس بڪن??هم پئلس کي اڳواٽ نوٽيس ڏيڻو پوندو. ميڊيا رپورٽن مطابق 39 ورهين جي هيري هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ هڪ خيراتي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ويو ته کيس ??نڊ سر محل ۾ ترسڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي. شهزاده هيري کي 7 سيپٽ??بر تي اولهه لنڊن جي علائقي چيلسي ۾ ٿيل ساليانو ويل چائلڊ ايوارڊز ۾ شرڪت ڪرڻي هئي جيڪا هن سال ملڪه الزبٿ جي وفات جي ورسي جي شام جو منعقد ٿيڻي هئي. دي ٽيليگراف جي رپورٽ مطابق جڏهن اهو واضح ٿي ويو ته هيري ۽ چارلس جيڪي ان وقت بالمورل محل ۾ هئا ان دوري تي ملاقات نه ڪري سگهيا ته شهزادي پڇيو ته ڇا هو ??نڊ سر محل ۾ رهي سگهن ٿا. هن ??نڊ سر ۾ سينٽ جارج چيپل ۾ پنهنجي مرحوم ڏاڏي جي ق??ر تي وڃڻ جي اجازت به گهري جتي هو 8 سيپٽ??بر تي ويو هو. جڏهن ته شاهي محل مبينه طور تي هيري جي آخري وقت ۾ ترسڻ جي درخواست منظور ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي هئي.
شهزاده هيري کي شاهي رهائشگاهه ۾ ترسڻ لاءِ بڪنگهم پئلس کي اڳواٽ نوٽيس ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II