لاهور-22 ڊسمبر (اي پ?? پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو
آهي ته ملڪي تعمير ۽ تر??ي لاءِ اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي،
پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ کي بنيادي حق حاصل آهن، مسيحي برادري جي
خوشين ۾ برابر جو شريڪ آهيان. پنهنجي تڪ ۾ ڪرسمس جي حوالي
سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ملڪي تعمير ۽ تر??ي لاءِ
اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، پاڪستان ۾ اقليتن کي تحفظ ۽ سمورا
بنيادي حق حاصل آهن. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ
لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. مسيحي اسان جا ڀائر آهن انهن جي
خوشي اسان جي خوشي آهي، اسان ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ
آهيون، هن چيو ته گڏجي پ??رو هفتو مسيحي ڀائرن سان ڪرسمس جون خوشيون
ملهائينداسين، گرجاگهرن تي خصوصي طور روشنين جو بندوبست ڪيو ويندو.
هن چيو ته مان پنهنجي تڪ مان 70 هزار مسيحي برادري جا و??ٽ کڻي
اسيمبلي پ??تو آهيان، مون کي ووٽ ڏئي اوهان مون تي جيڪو اعتماد جو اظهار
ڪيو آهي ان تي پ??رو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. مسيحي ڀائرن سان ڪي?? واعدا
ياد آهن، جلد ترقياتي رٿائن جي شروعات ڪئي ويندي. وفاقي وزير مسيحي
برادري جي علائقن ۾ گرجا گهرن جي تعمير، مرمت ۽ رنگ روغن جي خاطري
ڪرائي. بعد ۾ وفاقي وزير عطا الله تارڙ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي
برادري کي مبارڪون ڏنيون.
ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جو شريڪ آهيان: عطا الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے