راولپنڊي-29 نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مر??ا ڪالهه پاڪ بحريه جي آپريشنل بيس اورماڙه جو دؤرو ڪيو، جتي کيس دفاع ۽ موجوده خطرن جي حوالي سان جامع آپريشنل بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ بحريه جي آپريشنل اثاثن خاص طور تي جهازن ۽ آبدوزن جو معائنو ڪيو ۽ سمنڊ ۾ يونٽس جي آپريشنل تيارين ?? جنگي صلاحيتن جو جائزو ورتو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سامونڊي علائقن ۽ جهازن تي مقرر جوانن سان ملاقات دوران آپريشن ??ياريءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن جوانن جي همٿ افزائي جي تعريف ڪئي ۽ فيلڊ يونٽس کي هدايت ڪئي ته جديد هٿيارن ۽ اوزارن جي بهترين استعمال کي يق??ني بنائيندي جذبي ۽ لڳن سان مادرِ وطن جي دفاع کي يق??ني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک