اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ?? هٿين خالي شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل ??ور تي سرگرم آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم فوت ٿيلن لاءِ مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن زخمين کي ترجيحي بنيادن تي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ بلوچستان حڪومت کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته معصوم ?? هٿين خالي شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل ??ور تي سرگرم عمل آهن.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ