اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پا??ستان جي نامياري سرجن ۽ ايس آءِ يو ٽي جي يورالوجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين سرجن ڊاڪٽر مرلي ڌر چڪ?? گونيا جي وڌندڙ مرض کي هاڃيڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته اه?? مرض مڇرن جي چڪ وسيلي پکڙجي ٿو ۽ ان سان ڪيترائي ماڻهوءَ سنڌن جي دائمي سُور ۾ وٺجي وڃن ٿا. اي پي پي سان ڳالهائيندي ناليواري سرجن ڊاڪٽر مرلي ڌر چيو ته چڪ?? گونيا جو بخار وائرس جي ڪري ٿئي ٿو ۽ اه?? وائرس مڇر جي چڪ سان جسم ۾ پهچي ٿو، چڪ جي ٽن کان ستن ڏينھن تائين بخار، بدن ۾ سُور، سنڌن ۾ سور ۽ گوڏن ۽ چيلھ ۾ سور ٿئي ٿو پر ڪجھ ماڻھن کي مھيني تائين بُخار هلندو آهي ۽ هِن بُخار ۾ سنڌن جي سور جي ڪري ڪجھ ماڻهن جا گوڏا بيھجي وڃن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهن کي گوڏن جو سُور دائمي رهجي وڃي ٿو. هِن چيو ته چڪ?? گونيا جي بُخار لاءِ پيراسيٽامول گوري سان گڏ پا??ي جو واھپو وڌايو وڃي، بُخار وڌي وڃي ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريو وڃي، ڊاڪٽر مُرلي چيو ته اه?? هڪ وائرل بخار آھي ۽ ان ۾ اينٽي بائٽڪ جي ضرورت نه پوندي آهي، چڪ?? گونيا کان بچاءُ جي حوالي سان ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو ته ماڻهن کي مڇرن کان بچڻ گهُرجي ڇو جو هِن وقت هر مرض مڇرن جي وسيلي پکڙي رهيو آهي، ماڻهن کيي صفائي جو خيال رکڻو پوندو، پا??ي جا ٿانءُ ڍڪي رکيا وڃن، ڪپڙا پورا پائڻ گهُرجن ۽ مڇرن کان بچڻ لاءِ اسپري ڪيو وڃي ۽ مهاري جو استعمال ڪيو وڃي.
چڪن گونيا هاڃيڪار مرض آهي، اهو مرض مڇرن جي چڪ وسيلي پکڙجي ٿو، ان مرض سان ڪيترائي ماڻهوءَ سنڌن جي دائمي سُور ۾ وٺجي وڃن ٿا: ڊاڪٽر مرلي ڌر
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II