اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسلام امن جو دين آهي ۽ ذاڪر نائيڪ اسلام جو صحيح پيغام ماڻهن تائين پهچائي هڪ انتهائي اهم فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي آجيان ڪندي چيو ته مسلمان امت توهان تي ناز ڪري ٿي ته توهان سڄي دنيا کي اسلام جي صحيح تشخص کان روشناس ڪرايو، اها ڳالهه انتهائي خو?? آئنده آهي ته توهان جي ٻڌندڙن ۾ هڪ وڏو انگ نوجوانن جو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون توهان جا ليڪچرز تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو آهي جيڪي تمام گهڻا ڄاڻ ۽ تاثير سان ڀرپُور هوندا آهن. وزيراعظم چيو ته مون کي اهو ڄاڻي انتهائي خو??ي ٿي ته توهان جو پٽ به توهان جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي ۽ دين اسلام جي خدمت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو به ذڪر ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته مون 1991ع ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڃا تائين ان جي ياد تازي آهي. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي جيڪو اسان کي هر معاملي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اسلام جي رستي تي هلنداسين ته ڪامياب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آهي ته سڄي دنيا ۾ اسلام جو پيغام عام ڪريان. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هو اسلام آباد کانسواءِ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ليڪچرز ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي لاءِ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته اڄ منهنجي پاڪستان اچڻ جي خو??هش پوري ٿي جنهن تي تمام گهڻي خو??ي آهي، پاڪستان دنيا جي نقشي تي واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، پاڪستان جي عوام جو اسلام سان گهرو لڳاءُ آهي، اڄ الله منهنجي خو??هش پوري ڪئي ۽ آئون پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري ??ي آيو آهيان، ان ??ي آئون پاڪستان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن گهرايو. هن چيو ته پاڪستان جو هڪ خصوصي درجو آهي، پاڪستان جي مختلف شهرن جو دورو ڪندس، عالمن سان ملاقاتون ٿينديون ۽ پبلڪ ليڪچر ڏيندس.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ