ملتان-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ۽ انهن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سرڪٽ هائوس ۾ پنجاب جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فواد هاشم رباني سان ??لا??ات دوران ڪئي. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر علي موسيٰ گ??لاني ۽ اڳوڻو ايم پي اي سيد مجتبيٰ گ??لاني به ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين کي ڏکڻ پنجاب ۾ جاري رٿائن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. سيد يوسف رضا گيلاني ان موقعي تي چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي شفافيت تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ملتان ۾ جن سرڪاري ادارن جي آفيسرن جون بدليون ٿيون اتي مس??قل آفيسر مقرر ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت کي سفارشون موڪليون وڃن. مزارن جي سيڪيورٽي جا به انتظام ڪيا وڃن ۽ قلعه ڪهنه قاسم باغ ۽ ڀرپاسي ۾ حددخلين جو خاتمو ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين ٻُڌايو ته سندس سفارش تي اٽلي جي حڪومت تاريخي قلعي کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ 10 ملين ڊالرن جا فنڊز فراهم ??يا هئا پر اهي فنڊ به مڪمل طور تي خرچ نه ٿي سگهيا جنهن تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو