نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ت?? وزيراعظم محمد شهباز شريف هر عالمي فورم تي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو، فلسطين ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، پاڪ??تا?? جو سڀ کان وڏو مسئلو موسمياتي تبديلي آهي، ڪاربن اخراج ۾ پاڪ??تا?? جو حصو رڳو 2 سيڪڙو آهي جڏهن ته نقصانن جو ڪِيتو سڀ کان وڌيڪ پاڪ??تا?? کي ڀوڳڻو پوي ٿو، اڄ اسان جي پرڏيهي پاليسي بهتر ٿي آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ پاڪ??تا?? کي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، سي پيڪ بند ڪيو، آمريڪي سازش جو الزام هنيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، موجوده دور ۾ دوست ملڪن سان اسان جا لاڳاپا بحال ٿيا، پاڪ??تا?? معاشي لحاظ کان اڀرندڙ مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، موڊيز ۽ فچ جي ريٽنگز اپ گريڊ ٿيون آهن، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، آءِ ٽي روانگي واپار 3.1 ارب ڊالر تي پهچي ويو آهي. گڏيل قومن جي بلڊنگ آڏو صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? وزيراعظم محمد شهباز شريف هر عالمي فورم تي اها ڳالهه ڪندو رهيو آهي ته اسرائيل فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهيو آهي، غزه، خان يونس، رفح ۾ معصوم فلسطينين تي ظلم ڪيو پيو وڃي، اسرائيل معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي. دنيا کي اسرائيلي ڏوهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ت?? وزيراعظم جڏهن به فلسطين جي ڳالهه ڪئي ته اهو موقف پيش ڪيو ويو ته پاڪ??تا?? 1967ع کان اڳ جي سرحدن تحت آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، فلسطين ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته فلسطين ۾ امن قائم ٿئي، جنگبندي ٿئي، پاڪ??تا?? سي 130 جهازن ۽ سامونڊي جهازن جي ذريعي امدادي سامان فلسطين موڪليو، فلسطين ۾ جن ميڊيڪل شاگردن جي تعليم نامڪمل رهجي چڪي آهي، پاڪ??تا?? انهن شاگردن کي پنهنجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته فلسطين جا شاگرد پنهنجي تعليم مڪمل ڪن ته جيئن فلسطين ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ نه ٿئي. هن چيو ته فلسطين مسئلو اسان جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هن چيو ت?? وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? جو سڀ کان وڏو مسئلو موسمياتي تبديلي آهي، دنيا ۾ پاڪ??تا?? جو ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ رڳو 2 سيڪڙو حصو آهي جڏهن ته موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جا نقصان ڀوڳڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته ان جو سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪ??تا?? کي ڀوڳڻو پوي ٿو، موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ پاڪ??تا?? متاثر آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪ??تا?? ۾ پاڻ ٻوڏ جي صورتحال جو مشاهدو ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? دهشتگردي جي هٿان وڏا نقصان کنيا آهن، اهي اسان اڃا به ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي 2018ع کانپوءِ آئسوليشن جو شڪار هئي، اوڀر، اولهه ۽ وچ اوڀر ۾ اسان جا دوست ملڪ ناراض هئا، موجوده دور ۾ دوست ملڪن سان لاڳاپا بحال ٿيا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي ۾ بهتري آئي آهي. پاڪ??تا?? جي معيشت جي حوالي سان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، پاڪ??تا?? معاشي لحاظ کان اڀرندڙ مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي، دنيا پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ڪري، پاڪ??تا?? ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته بلومبرگ پاڪ??تا?? جي اسٽاڪ مارڪيٽ کي اڀرندڙ مارڪيٽ قرار ڏنو آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ 9.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، موڊيز ۽ فچ پاڪ??تا?? جي ريٽنگز اپ گريڊ ڪيون آهن، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، آءِ ٽي روانگي واپار 3.1 ارب ڊالر تي پهچي ويو آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ۽ پاليسي ريٽ هيٺ آئي آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي معيشت بحال ٿي آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا آهن ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، دنيا پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ڪري پاڪ??تا?? جي معيشت مان فائدو کڻي سگهي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ??يف ۽ ورلڊ بئنڪ سان معاملا بهتر طريقي سان هلي رهيا آهن. آءِ ايم ??يف معاهدو فائنل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، عوام کي جلد خوشخبري ٻڌائينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ پاڪ??تا?? کي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، سي پيڪ بند ڪيو، آمريڪي سازش جو الزام هنيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، پرڏيهي پاليسي ان وقت ڇا هئي، هاڻي ڇا آهي، بهتري ڪيئن آئي آهي، توهان پاڻ ان جا جج آهيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ت?? وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نه رڳو پاڪ??تا??ي ڪميونٽي پر ڊاڪٽرز، بينڪرز ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪ??تا??ين سان ملاقاتون طئي آهن، ڪوشش هوندي ته ميڊيا کي هر لمحي کان باخبر رکيو وڃي، وزيراعظم جي اهم ملاقاتن جا تفصيل ميڊيا سان شيئر ڪيا ويندا.
اسان جي پرڏيهي پاليسي بهتر ٿي آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ پاڪستان کي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، سي پيڪ بند ڪيو، آمريڪي سازش جو الزام هنيو: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری