اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ر??اي??ون فراهم ڪرڻ واريون پ??لي??يون جوڙي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه ڪالهه پاڪ برونائي انويسٽمينٽ ڪم??ني لميٽيڊ ۽ سعودي پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل انويسٽمينٽ ڪمپنيءَ سميت گڏيل سيڙپڪاري ڪمپنين جي نمائندن سان جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ڪمپنين جي اڳڀرائي، چئلينجز ۽ مستقبل جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻنهي ڪمپنين جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي. سي اي او پاڪ برونائي انويسٽمينٽ ڪم??ني لميٽيڊ (پي بي آءِ سي ايل) ڪم??ني جي پورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ اهم قدمن جي باري ۾ مختصر جائزو پيش ڪيو. هن ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۽ برونائي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ پي بي سي آءِ ايل جي ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته مالي خدمتون، ريئل اسٽيٽ ۽ ايس ايم اي جي مدد جي ذريعي صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي سهو??ت فراهم ڪئي وئي آهي، ڪم??ني انهن شعبن ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻه طرفي واپار ۽ اقتصادي استحڪام کي هٿي ملي رهي آهي. سي اي او سعودي پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل انويسٽمينٽ ڪم??ني ملڪ ۾ اسلامي م??لي??ت، ڊجيٽل فنانس، واپار، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪمپنيءَ جي اهم ترقياتي قدمن جي باري م بريفنگ به ڏني. اجلاس ۾ انهن ڪمپنين جي آپريشنز جي مختلف پاسن سيڙپڪاريءَ سميت حڪمت عملي، ڪارڪردگي جي جاچ ۽ ڪيترين رڪاوٽن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڪمپنين پنهنجي ڪاميابين ۽ چئلينجز جو جائزو پيش ڪيو ۽ آپريشنل رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ لاءِ پ??لي??ي سپورٽ جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ٻنهي ڪمپنين جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ڪجهه سالن ۾ هدف جي حاصلات جي حوالي سان سعودي عرب جو ويزن 2030ع ساراهه جوڳو آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سان سعودي عرب جي تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. هن سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ٻنهي ڪمپنين جي ڪردار ۽ منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ر??اي??ون فراهم ڪندڙ پ??لي??يون جوڙيون پيون وڃن.
سيڙپڪاريءَ جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتن جي حوالي سان پاليسيون جوڙيون پيون وڃن: محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا