اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت ??وبائي حڪومتن ۽ نجي ادارن جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ 250 کان وڌيڪ اي روزگار مرڪز قا??م ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ ٽي واري وزارت جي هڪ عملدار موجب انهن م??ڪزن جو مقصد ننڍن شهرن ۾ محنتي ۽ هنرمند نوجوانن کي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن کين ڊجيٽل موقعن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. اي روزگار مرڪز ملڪ جي هر ضلعي ۾ قا??م ڪيا ويندا. انهن م??ڪرزن جي ورهاست هر صوبي جي آبادي سان ??ڏو??ڏ اگنائيٽ سان رجسٽرڊ 12 لک فري لانسرز جي انگن اکرن تي ٻڌل آهي. پنجاب 149 مرڪزن سان اڳيان اڳيان آهي. ان کانپوءِ سنڌ 51، خيبرپختونخوا 28، وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 11، بلوچستان ۾ 6، آزاد ڪشمير ۾ 3، گلگت بلتستان ۾ 2 مرڪز قا??م ڪيا ويندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان پنجاب ۾ شروع ڪيل اي روزگار سينٽر انتهائي ڪامياب ثابت ٿيا جنهن م??ن لکين نوجوان لاڀ پرائي رهيا آهن، اهي مرڪز خاص طور تي انهن م??ڻهن لاءِ ڊزائين ڪيا ويا آهن جيڪي مه??نگين آفيسن جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، جيڪي کين آءِ ٽي مه??رتن م??ن فائدو کڻڻ ۽ ڊجيٽل افرادي قوت ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. اميد آهي ته انهن قدمن سان وڌيڪ نوجوانن کي تيزي سان ترقي ملندي ۽ آءِ ٽي جي شعبي مان فائدو کڻڻ جي قا??ل بڻجي سگهندا.
وفاقي حڪومت پاران نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ 250 اي روزگار مرڪز قائم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر