اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) تعليم بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان تي جيڪي تعليمي ذميواريون آهن انهن تي گڏجي ادا ڪرڻ?? پوندو، وقت جي تبديل ٿيندڙ گهرجن مطابق ٽيڪنالو??ي جو استعمال اسانجي پهرين ترجيع آهي. جمعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وفاقي تعليمي بورڊ جي انتظام هيٺ انٽرميڊيئيٽ پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جي ??تي??ن جي اعلان جي تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي هن ڪامياب ٿيل شاگردن جي والدين ۽ استادن کي مبارڪون ڏنيون ۽ وفاقي تعليم بورڊ کي تعليمي ??تي??ا وقت سر جوڙڻ لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙيون تقريبون پاڪستان لاءِ هوا جو جهونڪو آهن . اسانجا نوجوان باصلاحيت آهن ۽ سندن اها ڪاميابي قوم جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم موڙ تي آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن خوش قسمت ملڪن ۾ شامل آهي جتي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسانجي ملڪ جي آبادي جو 15 کان 18 ڪروڙ حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اسان کي انهن نوجوانن کي زندگي جي هر شعبي ا??تي وڌائڻو آهي ۽ انهن ئي نوجوانن جي مدد سان اسان ترقي ڪري سگهون ٿا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته نوجوان اسانجو مستقبل آهن ۽ اهو يقين سان چوان ٿو ته اسانجو اهو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالوجي وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسانکي به وقت جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ٽيڪنالو??ي جو صحيع استعمال سکڻو هوندو. هن چيو ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو ٽيڪنالو??ي جو استعمال آهي. تقريب ۾ اسيمبلي ميمبرن پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگر??ن، سندن والدين، استا??ن، وزارت تعليم ۽ تعليمي بورڊ جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
تعليم لاءِ ٽيڪنالوجي جو استعمال پهرين ترجيع آهي: ڊاڪٽر خالد مقبول
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت