اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان از??ڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي ۽ سياحتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته از??ڪستان سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت ج?? شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڀائر ملڪ از??ڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪ از??ڪ لاڳاپا صديون پراڻا ۽ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان علائقائي رابطن جي فروغ جي لاءِ ??رعزم آهي، وچ ايشيائي ملڪ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻن. صدر پاڪستان ۽ از??ڪستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ بارٽر ٽريڊ، مقامي ڪرنسي جي استعمال، واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ??نهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ جون تجويزون ڏنيون. پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جو ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، گڏيل حصيداري بهتر بڻائڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ لنگهه سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزير از??ڪستان جي صدر پاران صدر جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی