ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آهي، ڪم ڪار وارين جاين تي سازگار ماحول سان خصوصي ماڻهو پنهنجو صلاحيتون مڃرائي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايمپلائيرز في??ري??ن آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گورنر هائوس ۾ مجيد عزيز جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي بزنس ڊس ايبلٽي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ بابت ٻڌايو. وفد پيشيواراڻي سيفٽي، صنفي برابري ۽ ليبر مارڪيٽ ۾ ع??رت?? کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان في??ري??ن جي ڪردار بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي، معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. صدر چيو ??ه ڪم ڪار واري جڳهه تي سازگار ماحول سان خصوصي ماڻهو هڪ جهڙي طور تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائي سگهن ٿا. هن چيو ??ه ڪم ڪار واري جڳهه تي خصوصي ماڻهن جي شموليت ۽ ان حوالي سان شعور ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تازن سالن ۾ روزگار سان لڳل ع??رت?? جي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. صدر چيو ??ه ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جا خاتمي جا قانون ۽ بهتر ماحول روزگار سان لڳل ع??رت?? جي انگ ۾ اضافي جو سبب آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نوڪريون ۽ روينيو پيدا ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي، في??ري??ن انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏي. صدر هنرمند افرادي قوت جي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ??لڪ قبوليت جي لاءِ نيشنل اسڪلز پاسپورٽ پروگر??م کي پڻ ساراهيو. هن معذور ماڻهن جي ورڪ فورس ۾ شموليت تي ڌيان ڏيڻ تي في??ري??ن جي ڪوششن کي ساراهيو.
معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن