اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي صورتحال، ??ڻڪ سب??ڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اسڪردو جا مس??لا غور هيٺ آيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سب??ڊي معاملي تي هن نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وف??قي وزير سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سب??ڊي جو معاملو پڻ حل ڪيو ويندو. صدر چيو ته نگران وزيراعظم گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سب??ڊي معاملي تي ملاقات جي لاءِ اتفاق ڪيو آهي. واضح رهي ته گلگت بلتستان ڪائونسل جي وف?? گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سب??ڊي جي معاملي تي صدر سان ملاقات ڪئي هئي. صدر وف?? کي گلگت بلتستان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳالهه ??رڻ جي خاطري ڪرائي هئي.
صدر سان گلگت بلتستان جي گورنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل