اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي تيز ۽ پائيدار ملڪي ترقي جي لاءِ فڪري ۽ تعليمي ترقي تي ڌيان ??يڻ تي زور ڏيند?? چيو آهي ته شاگرد هنرمندي، آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان ??رپور فائدو کڻن، شاگرد انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت جي شعبي تي خاص ڌيان ??ين. هو بلوچستان ريزيڊنشل ڪاليج لورالائي جي تعليمي دوري تي آيل شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ??الهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عا??ف علو?? چيو ته قدرتي وسيلن مان ??رپور فائدو کڻڻ جي لاءِ انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، بلوچستان جي انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو هر شعبي ۾ استعمال وڌي رهيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ سان پاڪستان مختصر مدي ۾ معاشي ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلوچستان جا شاگرد محنت ۽ لگن سان علم حاصل ڪن، شاگرد نصاب کانسواءِ ڪتاب پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ??ين، ماضي ۾ علم حاصل ڪرڻ مشڪل هو، جديد ٽيڪنالاجي سان علم تائين پهچ وڌي آهي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علو?? چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال آهي، ترقي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وفد صدر کي بلوچستان جي تعليمي شعبي ۾ ڪاليج جي خدمتن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڪاليج جا فارغ ٿيندڙ سوين شاگرد طب، انجنيئرنگ، سول سروس، دفاع، قا??ون ۽ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. صدر بلوچستان ۾ تعليم جي فروغ ۾ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو.
شاگرد هنرمندي، آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان ڀرپور فائدو کڻن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی