اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي حقن جي ت??فظ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته خصوصي ماڻهن جي معاشري جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيف ويلفيئر آگاهي فائونڊيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن فائونڊيشن جي صدر شيخ محمد منشا جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ??ه خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو پوندو. هن چيو ??ه ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي ڳالهه ٻولهه ۽ تعليم تائين پهچ ۾ آساني فراهم ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ??ه خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ??وٽ ڏني پئي وڃي جڏهن ته ن??در?? جا خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، خصوصي ماڻهو ن??در?? جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري جو سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين. صدر چيو ??ه حڪومت، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي گڏجي د??پيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. وفد صدر کي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي مسئلن ۽ فائونڊيشن جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو.
خصوصي ماڻهن جي معاشري جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج