اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽ??ائ?? جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پرائيس ڪنٽرول مڪينزم کي فعال ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻارڻ جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽ??ائ?? جي ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل عملدارن کي پرائيس ڪنٽرول جي سخت طريقيڪار کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن سمورن وڏن وزيرن کي چيو ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ضروري شين ۽ خدمتن جون قيمتون اهڙي طرح گهٽ ڪيون وڃن، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽ??ائ?? جو فائدو پاڪستاني عوام کي منتقل ڪرڻ طرف سموريو?? ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ان تي سختي سان عملدر??مد يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز