اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏي?? عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اقتصادي، واپاري ۽ سي??پڪ??ري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏي?? عرب امارات ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏي?? عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي معاشي ۽ مالي استحڪام جي لاءِ ان جي ڀرپور حمايت تي دل سان ان جا ٿورا مڃيا جيڪو يقيني طور تي پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ان جي گهري محبت ۽ خيال رکڻ جو اظهار آهي. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 1 ارب ڊالر جمع ڪر??ئڻ تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا. جنوري ۾ گڏي?? عرب امارات جي پنهنجي ڪامياب دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪوپ – 28 جي لاءِ دعوت تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا ۽ موسمياتي تبدي??ين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏي?? عرب امارات جي ڪر??ار کي ساراهيو. هن 6 جولاءِ 2023ع تي ڪوپ – 28 جي نامزد صدر جي پاڪستان جي دوري دوران موسمياتي تبديلي جي چئلينجن جي امڪاني حل بابت ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، واپاري ۽ سي??پڪ??ري جي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ گڏي?? عرب امارات ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پاڪستان ۽ گڏي?? عرب امارات جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جي تاريخ آهي جنهن جي خصوصيت گڏيل اعتماد ?? افهام و تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي مستقل روايت آهي. گڏي?? عرب امارات 1.7 م??ين پاڪستانين جو گهر آهي، جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر