اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مل??ي سربراهي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس ۾ آن لائين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 14 اهم فيصلن/ دستاويزن جي منظوري ڏني وئ?? جنهن ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسندي طرف وٺي وي??دڙ بنياد پرستي جي خاتمي جي حڪمت عملي، ڊيجيٽل تبديلي ۾ تعاون ۽ ايس سي او جي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي تي ٻه ڏيل بيان پ?? منظور ڪيا ويا. مل??ي سربراهي ڪائونسل شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ايران جي مڪمل ميمبر طور شموليت جي پ?? منظوري ڏني ۽ اي??دڙ اجلاس تائين بيلاروس جي مڪمل ميمبرشپ جي لاءِ عمل شروع ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايس سي او مل??ي سربراهي ڪائونسل اعليٰ ترين ايگزيڪيوٽو باڊي آهي جتي ايس سي او جي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ تنظيم جي تزويراتي رخ بابت فيصلن جي منظوري ڏين ٿا. ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي سربراهن سميت مبصر ملڪن ايران، بيلاروس ۽ منگوليا جي صدرن سان گڏوگڏ ترڪمانستان جي صدر ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سربراهي اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي منشور جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ڪاميابي جي لاءِ تعاون جو بنياد فراهم ڪري ٿو. هن امن، خوشحالي ۽ گڏيل ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏي??دڙ علائقائي تنظيم طور ايس سي او جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو. امن ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ ذريعي طور تي علائقائي رابطي جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي يورپ ۽ وچ ايشيا کي چين ۽ ڏکڻ ايشيا سان ڳنڍي??دڙ قدرتي پل بڻائي ڇڏيو آهي. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان 2023ع جي آخري ٽه ماهي ۾ علائقائي خوشحالي جي لاءِ ٽرانسپورٽ رابطن تي ايس سي او ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي جي لاءِ غربت جي خاتمي کي گڏيل ترجيح قرار ڏيندي وزيراعظم غربت جي خاتمي لاءِ ايس سي او جي خصوصي ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي جنهن جي تجويز پاڪستان ڏني هئي. وزيراعظم هر قسم جي دهشتگردي رياس??ي سرپرس??ي سميت ٿي??دڙ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن علائقائي ۽ عالمي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم ايس سي او جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي سمورا ماڻهو کي جيڪي غاصباڻي قبضي، نسل پرستي ۽ قوم پرستي خاص طور تي اسلامو فوبيا جو شڪار آهن، کي بنيادي حقن ۽ آزادين جي ضمانت فراهم ڪن. ايس سي او مل??ي سربراهي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس ۾ 14 اهم فيصلن/ دستاويزن جي منظوري ڏني وئ?? جن ۾ نئين دهلي پڌرنامو پڻ شامل آهي جنهن ۾ گڏيل مفاد جي اسٽريٽجڪ ۽ جاگرافيائي سياسي مسئلن تي ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي گڏيل موقف کي واضح ڪيو ويو آهي. هن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ عليحدگي پسندي طرف وٺي وي??دڙ بنياد پرستي جي خاتمي جي حڪمت عملي، ڊيجيٽل تبديلي ۾ تعاون ۽ ايس سي او جي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي تي ٻه گڏيل بيان پڻ اختيار ڪيا. مل??ي سربراهي ڪائونسل شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ايران جي مڪمل ميمبر طور تي شموليت جي پ?? منظوري ڏني ۽ اي??دڙ مل??ي سربراهي ڪائونسل اجلاس تائين بيلاروس جي مڪمل ميمبرشپ جي لاءِ عمل شروع ڪري ڇڏيو. مل??ي سربراهي ڪائونسل اجلاس پاڪستان کي تنظيم جي مستقبل جي رخ جي لاءِ پنهنجي ترجيحن جي حصيداري ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪيو. 2017ع ۾ ايس سي او جو ميمبر بڻجڻ کان وٺي پاڪستان ايس سي او جي سمورين سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيو آهي ۽ مختلف ايس سي او مڪينزم تحت ايس سي او جي گهڻ شعباجاتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم جي ايس سي او جي ملڪي سربراهي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس ۾ آن لائين شرڪت
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن