اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوري پاڪستاني قوم ۽ سموري اسلامي دنيا کي عيدالا??حي?? جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالا??حي?? جو بنيادي فلسفو قرباني، ايثار، خلوص ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي عزيز ترين شيءَ نڇاور ڪرڻ آهي، عيد جي خوشي جي موقعي تي اسان ??ي پنهنجي جانورن جي قرباني جو گوشت غريبن ۾ ورهائڻ کانسواءِ به جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي محتاجن ۽ ضرورتمندن جي امداد ڪرڻ گهرجي. عيدالا??حي?? جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مان عيدالا??حي?? ۽ عظيم اسلامي عبادت حج جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ سموري اسلامي دنيا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ دعاڳو آهيان ته هو اسان جي قربانين ۽ عبادتن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي. وزيراعظم چيو ته عيدالا??حي?? جي هن خوشي جي موقعي تي الله تعاليٰ آڏو پيش ڪيل قرباني اسان ??ي حضرت ابراهيم خليل الله عليه السلام ۽ ان جي لخت جگر حضرت اسماعيل ذبيح الله عليه السلام جي ياد ڏياري ٿو ۽ اهو ٻڌ??ئي ٿو ته اسان جي دنياوي رتبي کان قطعي نظر اسان تيستائين الله جي بندگي ۽ مڪمل اطاعت جا دعويدار نه ٿا ٿي سگهون جيستائين اسان خالق ۽ مالڪ جي بارگاهه ۾ پنهنجي بهترين ۽ محبوب شيءَ جي قرباني جو جذبو ۽ حوصلو نٿا رکون ٿا، عيدالا??حي?? جو بنيادي فلسفو قرباني، ايثار ۽ خلوص ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي عزيز ترين شيءَ نڇاور ڪرڻ آهي. هن چيو ته عيد جي هن خوشيءَ جي موقعي تي جتي اسان پنهنجي جانورن جي قرباني جو گوشت غريبن ۾ ورهايون گڏوگڏ اهو به ضروري آهي ته گوشت کانسواءِ به جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي محتاجن ۽ ضرورتمندن جي امداد ڪريون ته جيئن اسان جا اهڙا هم وطن ڀينر ۽ ڀائر جيڪي معاشي طور تي ڪمزور آهن اهي به انهن خوشين کي ڀرپور طريقي سان مله??ئي سگهن. هن چيو ته قرباني جي عيد ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته مسلمانن جي اندر اهو ئي روح، اسلام ۽ ايمان جي اها ئي ڪيفيت ۽ خدا سان محبت ۽ وفاداري جو اهو ئي شان پيدا ٿئي جنهن جو مظاه??و حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام پنهنجي زندگي ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن قرباني جي عيد تي غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ وقت خاص طور تي پنهنجي ڀرپاسي اهڙن ماڻهن کي ضرور ياد رکو جيڪي گذريل سال ٻوڏ جي تباهين سبب بي گهر ٿيا، مون کي ڀرپور احساس آهي ته پاڪستان هن وقت مهانگ??ئي جي لپيٽ ۾ آهي جيڪا گهڻو ڪري ٻاهرئين عملن سان پيدا ٿيل ناڻي واڌ ۽ ٻاڙ??ئي جي اثرن جي ڪري آهي، حڪومت پنهنجون سموريون توانائيون عوامي ريليف تي لڳ??ئي رهي آهي ۽ اسان بجيٽ ۾ به پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ مزدور کي جيتري قدر ٿي سگهيو ريليف ڏنو آهي. هن چيو ته عيدالا??حي?? جي هن مبارڪ موقعي تي منهنجي اها دعا آهي ته الله تعاليٰ پوري اسلامي دنيا کي امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو گهوارو بڻ??ئي ۽ دنيا ۾ جتي جتي مسلمان مصيبتن جو شڪار آهن، خاص طور تي ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم ڀينرن ۽ ڀائرن جون مشڪلاتون ۽ پريشانيون کي ختم ڪري. وزيراعظم چيو ته قرباني جي تعليم ۽ حج جو پيغام امن، برداشت، ڀائيچاري ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ آهي، انهن ئي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ عيدالا??حي?? جو صحيح حق ته ان وقت ادا ٿيندو جڏهن اسان ان جي گهرجن کي پورو ڪنداسين ۽ ان جي ضرورت، اهميت، افاديت ۽ مقصديت تي غور فڪر ڪري ان ??ي عملي جامعو پارائينداسين.
عيدالاضحيٰ جو بنيادي فلسفو قرباني، ايثار ۽ خلوص ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي عزيز ترين شيءَ نڇاور ڪرڻ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ