اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه ٻطرفي واپ??ر جي فروغ لاءِ ترجيحي واپار (مصنوعات جي واپار) جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي تي صحيحن و??ري تقريب وزيراعظم آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، واپار و??ري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي و??ري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ س??ڙپڪ??ري و??ري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ترڪيه جي واپار و??ري وزير مهمت موش ۽ اعليٰ سرڪ??ري آفيسرن شرڪت ڪئي. واپار و??ري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار و??ري وزير مهمت موش معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ترڪيه زرعي ۽ صنعتي شعبن جي پاڪستان جي مختلف مصنوعات جي برآمد تي 261 ٽيرف لائينز جڏهن ته پاڪستان 130 ٽيرف لائينز جي رعايت ڏني آهي. ٻطرفي واپ??ري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ 2016ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ ان وقت ترڪيه جي معيشت و??ري وزير مصطفيٰ علي تاس ۽ پاڪستان جي واپار و??ري وزير خرم دستگير خان صحيحون ڪيون هيون. فريم ورڪ معاهدي تحت مختلف اهڙن شعبن جي نشاندهي جي لاءِ گڏيل اسٽڊي شروع ڪئي جنهن ۾ واپ??ر جي راهه ۾ ايندڙ ٽيرف جون رڪاوٽون ختم ڪري ٻئي ملڪ اڳڀرائي ڪري سگهيا پئي. مئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري کان اڳ تائين ترجيحي واپ??ر جي معاهدي تي ڳالهين جو عمل سستي جو شڪار رهيو. ان دوري کانپوءِ ترجيحي واپ??ر جي معاهدي تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي ۽ ان معاهدي جي لاءِ ڳالهيون 19 دورن کانپوءِ 12 آگسٽ تي معاهدي کي صحيحن جي لاءِ حتمي شڪل ڏني وئي. مصنوعات جي واپ??ر جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپ??ر جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجيحي واپ??ر جي معاهدي تحت پاڪستان 216 ٽيرف لائينز ۾ مارڪيت تائين پهچ حاصل ڪئي آهي ۽ انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي برآمدات جو ڪاٿو 5.1 ارب ڊالر جڏهن ته ت??ڪيه جي انهن مصنوعات جي عالمي درامدات 7.6 ارب ڊالر آهي. پاڪستان جن 130 ٽيرف لائينز تي رعايت ڏني آهي انهن ۾ ترڪيه جي عالمي برامدات 23 ارب ڊالر آهي جيڪا ترڪيه جي عالمي برآمدات جو 12 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي درآمدات 6 ارب ڊالر آهي. 22 – 2021ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جو ٻطرفو واپ??ري ڪاٿو 883 ملين ڊالر رهيو جن ۾ پاڪستان جي ترڪيه جي لاءِ برآمدات جو ڪاٿو 366 ملين ڊالر جڏهن ته ت??ڪيه سان پاڪستان جي برآمدات 517 ملين ڊالر هئي ۽ 22 – 2021ع ۾ واپ??ري توازن ترڪيه جي حق ۾ 151 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.
پاڪستان ۽ ترڪيه ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپار (مصنوعات جي واپار) جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی