اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف جنگلوٽ اسڪردو روڊ (جي ايس آر) جي بندش جو نوٽيس وٺندي رستو فوري کولڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي سياحن جي سا??سن??ال ۽ ضرورت جي شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري انتظامن جي هدايت ڪ??ي آهي. وزير??عظ?? ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? جابلو ڇپون ڪرڻ سان تورمڪ وٽ بند رستو فوري کولڻ ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) کي هنگامي قدمن جي هدايت ڪ??ي آهي. وزير??عظ?? هدايت ڪ??ي آهي ته اضافي مشينري ۽ افرادي قوت استعمال ڪئي وڃي، رستو جلد کوليو وڃي، ملڪي ۽ غيرملڪي سياحن جي سا??سن??ال ۽ ضرورت جي شين جي فراهمي يقيني بڻائآڻ جي لاءِ فوري انتظام ڪيا وڃن. وزير??عظ?? هدايت ڪ??ي ته سياحن جي اچڻ سان گلگت بلتستان ۾ ضرورت جي شين جي استعمال ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو تنهن ڪري شين جي کوٽ نه ٿيڻ ڏني وڃي. وزير??عظ?? علائقي جي ڪاروباري شخصيتن، آبادي ۽ سياحن کي درپيش مشڪلاتون فوري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي ۽ چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي ڪري ماڻهن کي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس به وڃڻو آهي، ان لاءِ ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. شديد برساتن ۽ جابلو ڇپون ڪرڻ سان گذريل ٻن هفتن دوران 6 ڏينهن رستو بند هو. جنگلوٽ اسڪردو روڊ گلگت بلتستان کي تيل ۽ کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ۽ اچ وڃ جو واحد زميني رستو آهي. مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سياح مختلف اڏامن ذريعي گلگت بلتستان اچي رهيا آهن. گلگت بلتستان جي هوٽلز ۽ سياحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن وزير??عظ?? کان رستي جي ڊگهي بندش جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.
وزيراعظم پاران جي ايس آر رستو فوري کولڻ لاءِ فوري انتظامن جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال