اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ مهم جي رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي مهم جو حصو بڻجڻ جي خواهشمند رضاڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي 1166 تي ڪال ڪري پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب سلمان صوفي چيو ته اهڙا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي سي پي آر ۾ پيشيواراڻي تربيت يافته آهن اهي رضاڪارن جي تربيت لاءِ رجسٽري??ن ڪرائين، مهم جو حصو بڻجن، تربيت حا??ل ڪن، 10 وڌيڪ ماڻهن کي بنيادي سي پي آر جي ٽريننگ ڏين ۽ انعام حا??ل ڪن. هن ٻڌايو ته ٽريننگ جي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن به عمر جا ماڻهو اهل هوندا. هن نوجوانن، عورتن، ٻارن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي رجسٽري??ن ڪرائين. هن چيو ته ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وقت سر سي پي آر سان ڪنهن انسان جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.
وزيراعظم جي هدايت تي حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ مهم جي رجسٽريشن جي شروعات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری