اسلام آباد – 04 آگسٽ (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان سينيٽ جو اجلاس 5 آگسٽ اربع ڏينهن صبح ساڍا ڏهين وڳي طلب ڪيو آهي. سينيٽ جي خصوصي اجلاس دوران ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پارليامينٽ ۽ عوام پاران مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هر سطح تي ??واز اٿارڻ جي عزم کي ورجايو ويندو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کانسواءِ ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلمن جي خلاف پڻ آواز اٿاريو ويندو. ان موقعي تي ??المي برادري تي ??ور ڏنو ويندو ته اها ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلم بند ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو اثرر??وخ استعمال ڪري. سينيٽ جو اهو خاص اجلاس ڪشمير جي حوالي سان هڪ نقاطي ايجنڊا تي هوندو جنهن دوران سينيٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ بحث ۾ حصو وٺ??دا. اهو اجلاس ان حوالي سان به تاريخي اهميت رکي ٿو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا جهندا پڻ ايوان ۾ رکيا وي??دا. اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ جي لاءِ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن کي خاص طور تي ??عوت ڏني وئي آهي.
صدر پاران ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان سينيٽ جو اجلاس 5 آگسٽ تي طلب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو