اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??لڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ س??ن گڏوگڏ معاشي استحڪام جي لاءِ هڪ ٺوس پاليسي جوڙي وئي آهي جنهن تي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پوري طرح عمل ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان هڪ غريب ??لڪ آهي جنهن کي مالياتي مسئلا درپ??ش آهن ۽ مڪمل لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ملڪي م??يش?? تي نقصانڪار ??ثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پالسي کي دنيا ساراهيو آهي. هن چيو ته جاري عالمي وبا دوران وزيراعظم ولولي انگيز قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو بحث نه آهي ڇو ته موذي وائرس جي اهڙي صورتحال نه آهي.
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان هڪ ٺوس پاليسي جوڙي وئي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال