اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪشمير کي پاڪستان جو دفاعي حصار قرارڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري جي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ هر سال وانگر ??اڪستان جي 22 ڪروڙ عوام اڄ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي، وفاقي گادي واري شهر ۾ عورتون ۽ ٻ??ر والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو ش??ار ٿيندڙ عورتن ۽ ٻ??رن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي آفيس ۾ قرارداد جمع ڪرائيندا. هو پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪشميرين جي طاقتور آواز ۽ حقن جي جدوجهد کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن مختلف پروگرام جوڙيا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ