دوشنبي – 18 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسي?? جو چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو جتي هو پاڻي بابت پائيدار ترقي جي عنوان تي عالمي ڏهاڪي (2028 – 2018ع) بابت عملداري جي حوالي سان ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ پاڪستاني و??د جي قيادت ڪندو جيڪا تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ 20 کان 21 جون تي ٿي رهي آهي. تاجڪستان جي نائب وزيراعظم ذاڪرزاده محمد طاهر دوشنبي ايئرپورٽ پهچڻ تي صدر ممنون حسي?? جو شاندار استقبال ڪيو. تاجڪستان ۾ پاڪستاني سفير، پاڪستان ۾ تاجڪستا?? جو سفير ۽ سفارتخاني جا سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. هڪ ننڍڙي ٻارڙي روايتي انداز ۾ صدر کي گلدستو پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون