ٽو??يو – 26 جولاءِ (اي پي پي) جاپان ۾ ٽن وڏي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل چورن جي گروپ گرينڊ پا- گينگ کي گرفتار ??يو ويو آهي. سائوٿ چائنا پوسٽ مطابق گينگ ۾ شامل 88 سالن جي هيديوامينو، 70 سالن جي هيديمي متسودا ۽ 69 سالن جي ڪينچي ويتيبي مبينا طور تي جيل ۾ قيد دوران پنهنجي ڏ??ها??ي سرگرمين لاءِ گروپ ٺاهيو. آزادي کانپوءِ ٽنهي تي الزام آهي ته هنن چ??ري لاءِ انهن گهرن کي نشانو بڻايو جيڪي خالي هئا. مئي ۾ مبينا طور تي هوڪائيڊو جي گادي واري شهر اسيپيرو ۾ هڪ خالي گهر ۾ داخل ٿي 200 ين ۽ شراب جون بوتلون چ??ري ڪيون. ان واقعي کانپوءِ ٽنهي ٻئي مهيني ان ئي علائقي ۾ هڪ ٻئي خالي گهر مان 10 لک ين ماليت جا زيور چ??ري ڪيا. پوليس جو چوڻ آهي ته گينگ جو سڀني کان وڏو ميمبر امينو چ??ري ڪندو هو. متسودا گاڏي هلائ??ند?? هو ۽ سڀني کان ننڍو ويتنيبي چ??ري جي شين جي سار سنڀال ڪندو هو. ڄاڻايل مبينا ڏوهن جو پتو ان وقت پيو جڏهن ٻئي گهر جي مالڪ کي شڪ ٿيو ۽ هن پوليس کي آگاهه ڪيو. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسي ان گروپ جو پتو لڳايو ۽ اهو معلوم ??يو ته عورت جي گم ٿيل شين مان ڪجهه کي وڪرو ??يو ويو آهي. رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ٽنهي بزرگن کي گرفتار ??يو ويو ته کين هلڻ لاءِ پوليس جو سهارو وٺڻو پيو. سندن چوڻ آهي ته اهي ڏوهه زندگي گذارڻ لاءِ ڪيا آهن.
جاپان ۾ پوڙهن ماڻهن تي ٻڌل چورن جو گينگ گرفتار
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن