نيويارڪ – 18 ا??ريل (اي پي پي) آمريڪي ڪمپني گوگل اسرائيلي حڪومت سان معاهدي خلاف احتجاج تي پنهنجن 28 ملازمن کي برط??ف ڪري ڇڏيو. آمريڪي رسالي بلوم برگ جي رپورٽ مطابق گوگل اسرائيلي حڪومت کي مصنوعي ذهانت ۽ ۽ ڪلاڊ سروسز فراهم ڪندڙ ملٽي نيشنل ڪمپني ايمازون سان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو معاهدو ڪيو جنهن خلاف گوگل جي ملازمن نيويارڪ سٽي، سياٽل ۽ ڪيليفورنيا ۾ ڪمپني جي آفيسن ۾ احتجاج ڪيو. ان جو موقف هو ته ڪمپني اسرائيل جي مدد ڪري ??لسطين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي. ملازمن گوگل کان اسرائيل سان ڪيل ڄاڻايل معاهدي کي ختم ڪرڻ جو ??طا??بو پڻ ڪيو. گوگل انتظاميا طرفان ملازمن جي احتجاج کي ٻين ملازمن جي ڪم ۾ رڪاوٽ، ڪمپني جي پاليسين خلاف ۽ ناقابل قبول رويو قرار ڏنو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته 28 ملازمن کي باقاعده جاچ کانپوءِ برط??ف ڪيو ويو آهي. انتظاميا مطابق ملازمن جي احتجاج جي جاچ جاري رکي ويندي ۽ وڌيڪ ضروري ??دم کنيا ويندا.
نيويارڪ: آمريڪي ڪمپني گوگل اسرائيلي حڪومت سان معاهدي خلاف احتجاج تي 28 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea