اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي قانونسازي، اداراجاتي ۽ پاليسي قدمن جي ذريعي انساني حقن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هو عالمي انساني حقن جي فريم ورڪ تحت پنهنجي ذميوارين کي پو??و ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان انساني حقن جي عالمي منشور (يو ڊي ايڇ آر) کي اختيار ڪرڻ جي 76هين سالگرهه جي موقعي تي اڄ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ ۾ عالمي برادري سان شامل آهي. نائب وزيراعظم چ??و ته هي ڏينهن عالمي برادري جي انساني وقار جي احترام ۽ ان کي برقرار رکڻ ۽ بنا ڪنهن فرق جي انساني حقن جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل عزم جي علامت آهي. هن چ??و ته انساني حقن جي ڏينهن جي لاءِ هن سال جو عنوان ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل، هاڻي“ والاريل فلسطيني علائقن کان وٺي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? تائين سڄي دنيا جي لکين ماڻهن جي لاءِ ??اڳ??پيل آهي جيڪي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي منصفاڻي جدوجهد جاري رکي آهي ۽ اهي قبضي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن. هن چ??و ته سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو امتيازي قانونن، پاپولسٽ سياست ۽ زينو فوبڪ بيانيي جي ڪري ٿيو آهي جيڪو عالمي برادري جي لاءِ به هڪ چئلينج آهي. هن چ??و ته پاڪستان ڪيترن ئي قانونسازي، اداراجاتي ۽ پاليسي قدمن جي ذريعي انساني حقن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هو عالمي انساني حقن جي فريم ورڪ تحت پنهنجي ذميوارين کي پو??و ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نائب وزيراعظم چ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ انساني حقن جي طريقيڪار سان تعميري طور تي مصروف عمل آهي. هن چ??و ته ان ڏينهن پاڪستان نسل، مذهب، جنس يا قوميت کان هٽي ڪري سمورن ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کي يقيني بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان ڪيترن ئي قانونسازي، اداراجاتي ۽ پاليسي قدمن جي ذريعي انساني حقن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا