اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان شام ۽ الجيريا جي سفيرن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ شام وچ ۾ تاريخي ڀاراڻا لاڳاپا موجود آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گهري ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي وابستگي ڏٺي وڃي ٿي. پاڪستان شام سان لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر چيو ته پا??لياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پا??لياماني وفدن جي مٽاسٽا سان عوامي سطح تي رابطن ۾ واڌ ٿيندي. اسپيڪر شام ۾ امن جي قيام ۽ نئين سر تعمير لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ۽ـ چيو ته پاڪستاني زيارتين جو وڏو انگ هر سال زيارت لاءِ شام جو سفر ڪري ٿو. پاڪستاني زيارتين کي سهولتن جي فراهميءَ تي شام جي حڪومت ۽ عوام جا ??ورائتا آهيون. اسپيڪر دمشق ۽ لاهور وچ ۾ سيرين ايئرويز جي اُڏامن کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. شام جي سفير چيو ته شام پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شام جي حڪومت پاڪستان سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، شامي سفير ڊاڪٽر رميز الرائي چيو آهي ته خطي ۾ پا??يدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ڪووڊ 19 جي وبا دوران پاڪستان طرفان شام جي ضروري طبي اوزارن ۽ دوائن جي فراهميءَ تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. بعد ۾ اسپيڪر سان الجيريا جي سفير ابراهيم روماني پا??ليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. الجيريا ۽ پاڪستان جي عوام گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ جي اڻٽٽ رشتن ۾ ٻَڌل آهي. پاڪستان پا??لياماني ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏئي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. سردار اياز صادق چيو ته پا??لياماني سفارتڪاري ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ انتهائي اهميت رکي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطا ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پاڪستان الجيريا سان اقتصادي، واپاري ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان الجيريا سميت سمورن ??فر??قي ملڪن سان پنهنجن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. پاڪستان لُڪ ??فر??قا پاليسيءَ تحت الجيريا ۽ ٻين ??فر??قي ملڪن سان رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. اسپيڪر فلسطين ۽ ڪشمير ۾ جاري اسرائيلي ۽ ڀارتي ڏاڍ جي مذمت ڪندي چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير مسئلو جي حل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ امن جو قيام ممڪن ناهي. مسلم ملڪن کي اُمت کي درپيش چئلينجز لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته الجيريا جي سفير ابراهيم روماني اسپيڪر جي الجيريا لاءِ تاثرن تي ٿورو مڃيو. پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي. الجيريا پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان شام ۽ الجيريا جي سفيرن جون ڌار ڌار ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria