اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني غذائي تحفظ جي اهميت ۽ هر ماڻهوءَ کي مناسب ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ تائين پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ جٽادار طريقن جي ضرورتن کي اختيار ڪ??ڻ تي زور ڀريو آهي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ??نهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هي ڏينهن اسان جي ڪميونٽيز ۾ بُک ۽ عذائيت جي کوٽ کي مُنهن ڏي?? لاءِ اسان جي گڏيل ذميداريءَ جي ياد پنهنجن آبادگارن جي مدد ۽ ماحول جي حفاظت ڪندڙ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏي?? جي ضرورت آهي، انهن شعبن جي بهتريءَ لاءِ اسان کي گڏجي هڪ مفيد خوراڪ جو نظام بڻائڻو پوندو جيڪو نه صرف اسان جي ماڻهن جي بهترين پرورش ڪري پر اسان جو مستقبل به محفوظ بڻائي. سينيٽ چيئرمين خوراڪ جي زيان جي ازالي ۽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪ??ڻ تي زور ڀريو جن جي عيوض خوراڪ جي پيداوار ۽ معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن ايندڙ نسلن لاءِ معياري ۽ گهڻي خوراڪ جي پائيداري ۽ پهچ يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي ??ڻ زور ڀريو.
اسان کي پنهنجن آبادگارن جي مدد ۽ ماحول جي حفاظت ڪندڙ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا