شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي جديد تربيت جي لاءِ يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽريشن بيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شي – آن ۾ يانگلنگ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو ??ور?? ڪيو. وزيراعظم کي ان موقعي تي بيس جي ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏن?? و??ي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هاءِ ٽيڪ ڊيمانسٽريشن زون 2019ع ۾ صدر شي جن پنگ جي هدايت تي قائم ٿيو. يانگلنگ جي زرعي يونيورسٽي ۾ 142 پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. 120 شاگرد هتان فارغ ٿي چڪا آ??ن. ??زيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ قائداعظم يونيورسٽي ۽ ايوب ايگريڪلچر ريسرچ سان گڏجي زرعي جنسن تي تحقيق جاري آهي. وزيراعظم مصنوعي روشني جي ذريعي ڀاڄين جي پوکيءَ جي طريقيڪار جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يانگلنگ ايگريڪلچر هاءِ ٽيڪ انڊسٽري اينڊ ڊيمانسٽريشن بيس چين ۾ پهريون هاءِ ٽيڪ صنعتي ترقي جو زون آهي. ان موقعي ت?? و??يراعظم پاڪستان مان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي جديد تربيت جي لاءِ يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽريشن موڪلڻ جو فيصلو ڪندي چين ۾ پاڪستاني سفير ۽ لاڳاپيل عملدارن کي چيني عملدارن سان منصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم نارٿ ويسٽ ايگريڪلچر ۽ فاريسٽري يونيورسٽي کي پاڪستان ۾ ڪئمپس کولڻ جي دعوت ڏيندي پاڪستان حڪومت پاران ان ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائ?? و??ي. وزيراعظم کي بيس جي مختلف حصن ۽ پاڪستاني پويلين جو ??ور?? پڻ ڪرايو ويو. وزيراعظم کي پاڪستاني پويلين ۾ پاڪستاني مصنوعات پڻ ڏيکاريون ويون. يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽريشن بيس ۾ 26 ملڪ زرعي تحقيق ۾ تعاون ڪن ٿا. پاڪستان سڀ کان پهريون ملڪ هو جنهن يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽريشن بيس ۾ تعاون شروع ڪيو. بريفنگ ۾ پاڪستاني سائنسدانن ۽ تحقيق ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني يونيورسٽين بابت پڻ ٻڌايو ويو. ان موقعي ت?? و??يراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، حڪومت في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ زراعت ۾ جدت جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني زرعي مصنوعات ۽ ان جي پراسيسنگ سان ملڪي روانگ?? و??پار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم کي جديد پلانٽ پروڊڪشن فيڪٽري جو پڻ ??ور?? ڪرايو ويو جتي زراعت جي طريقيڪار جي مختلف مرحلن جو عملي مظاهرو پڻ پيش ڪيو ويو. وفاق?? و??ير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان مان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي جديد تربيت لاءِ يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽريشن بيس موڪلڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام