اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، خساري جو شڪار حڪومتي ملڪيتي ادارن جي ??جڪاري، اداراجاتي سڌارا، اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون ??هن، ايف بي آر جي سئو سيڪڙو ڊيجيٽائيزيشن جي ??اءِ عالمي معيار جي ??اهرن جون ??دمتون ??اصل ڪيون پيون وڃن، اميد آه?? ته ميڊيا غيرجانبدار??ڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي ??فد ملاقات ڪئي. وفد ۾ شڪيل مسعود، مير ابراهيم، ميان عامر محمود ۽ سلطان لاک??ڻي شامل هئا. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تاڙر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. پي بي اي جي ??فد عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان اهڙي وقت ۾ اقتدار سنڀاليو آهي جڏهن ملڪ کي بي پناهه مشڪلاتون ??رپيش آهن. هن چ??و ته معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم وفد کي حڪومت جي ??عاشي ترجيحن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته خساري جو شڪار حڪومتي ملڪيتي ادارن جي ??جڪاري، اداراجاتي سڌارا ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون ??هن. هن چ??و ته حڪومتي سطح تي خرچن ۾ گهٽتائي جي ??اءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا جلد ئي پنهنجون ??فارشون پيش ڪندي جيڪي آئون پاڻ قوم آڏو رکندس. هن چ??و ته وفاقي ڪابينا رضاڪار??ڻي طور تي پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي سئو سيڪڙو ڊيجيٽائيزيشن جي ??اءِ عالمي ماهرن جون ??دمتون ??اصل ڪيون پيون وڃن. هن چ??و ته سٺو ٽيڪس ڏيندڙن، برآمد ڪندڙن ۽ عورت انٽرپرينيورز جي حڪومتي سطح تي پذيرائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ميڊيا جي اهميت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ذهني ۽ فڪري تربيت ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چ??و ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا نمائندن جي حقن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. هن چ??و ته مون کي اميد آه?? ته ميڊيا غيرجانبدار??ڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چ??و ته فيڪ نيوز هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن جي روڪٿام ۾ مين اسٽريم ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ ڪوششن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي.
معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، خساري جو شڪار حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري، اداراجاتي سڌارا، اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز