اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل عرب امارات کانپوءِ 28 – 29 نومبر تي ڪويت جو ٻطرفو دورو ڪندو. پنهنجي دوري دوران نگران وزيراعظم ڪويت جي ولي عه?? شيخ مشعل الجابر الصباح ?? وزيراعظم شيخ احمد نواف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان دوري ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات جي ڳولا، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبي ۾ مفاهمت جي مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل گه??ا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، سال 2023ع کي ٻنهي ملڪن جا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 60 هين سالگرهه طور تي ملهايو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا