اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي سهولت لاء?? بل 2023?? جي توثيق ڪري ڇڏي جنهن تحت اسلام آباد جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ٻارن کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ جي لاءِ تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي لازمي قر??ر ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اسلام آباد جا سمورا نجي اسڪول پنهنجي اڱڻ ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻا??ين??ا. وفاقي حڪومت سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻا??ين??ي. خلاف ورزي جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک تائين ڏنڊ ۽ بعد ۾ 6 مهينن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado