اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) مالي سال 23 -2022ع دوران وفاقي حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن، يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي جاري ترقياتي منصوبن لاءِ 42.9 ارب روپيا جاري ڪيا، وفاقي ?? صوبائي حڪومتن طرفان مجموعي طور تي جي ڊي پي جو 1.7 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. مالي سال 23 -2022ع جي جاري اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته ليبر فورس سروي (ايل ايف ايس) 21 -2020ع موجب خواندگي جي شرح 62.8 سيڪڙو رهي جيڪا 19 -2018ع ۾ 61.4 سيڪڙو ه??ي. عورتن جي خواندگي شرح 51.9 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ مردن جي خواندگي جي شرح 73.4 سيڪڙو رهي. شهري ۽ ٻهراڙ?? ۾ ??واندگي جي شرح ۾ بهتري آئي آهي. ٻهراڙي جي علائقن ۾ اها 53.7 سيڪڙو کان وڌي 54 سيڪڙو جڏهن ته شهري علائقن ۾ اها 76.1 سيڪڙو کان وڌي 77.3 سيڪڙو پهچي وئي آهي. تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي ?? صوبائي سطح تي ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ته جيئن گڏيل قومن جي ايس ڊي جيز گول چار کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿئي.
مالي سال 23 -2022ع دوران وفاقي حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن، يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي 42.9 ارب روپيا جاري ڪيا، تعليم تي جي ڊي پي جو 1.7 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو: اقتصادي سروي
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa