اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي فوتي م??از?? جي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن فوت ٿيل م??از?? جي پٽ کي وزيراعظم جي امدادي پئيڪج تحت مقرر ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر رضوان الله (شڪايت ڪندڙ) پاران داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي. هن چيو ته ايجنسي هڪ ٻئي فوتي م??از?? جي پٽ کي وزيراعظم جي امدادي پئڪيج تحت نوڪري ڏئي چڪي آهي، ٻئي م??از?? جو لاڏاڻو 2012ع ۾ اداري پاران پاليسي ??خت??ار ڪرڻ کان اڳ ٿيو، ڪارپوريشن شڪ??يت ڪندڙ سان هڪ جهڙي سلوڪ کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي. صدر چيو ته رضوان الله جو والد (بختاور شاهه) ڪارپوريشن جو م??از?? هو، سروس دوران 2009ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. شڪ??يت ڪندڙ فوتي م??از??ن جي ٻارن جي ڪوٽا تي مقرري جي لاءِ درخواست ڏني، پر ڪو فائدو نه ٿيو. شڪ??يت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن شڪ??يت کي رد ڪري ڇڏيو. محتسب رد ٿيل فيصلي ۾ چيو ته والد جو لاڏاڻو 2009ع ۾ ٿيو، پئڪيج کي اداري پاران 2012ع ۾ ??خت??ار ڪيو ويو، ان لاءِ پاليسي شڪ??يت ڪندڙ تي لاڳو نه ٿي ٿئي. بعد ۾ رضوان الله صدر کي محتسب جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن کي قبول ڪيو ويو. صدر فيصلي ۾ قرار ڏنو ته وزيراعظم جو امدادي پئڪيج 2006ع ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي او ايم جي ذريعي جاري ڪيو ويو، 2006ع کانپوءِ وقت بوقت امدادي پئڪيج ۾ ترميمون ڪيون ويون. صدر چيو ته اداري جولاءِ 2012ع کان پئڪيج کي ??خت??ار ڪيو پر واضح نه آهي ته 2006ع جو پئڪيج ??خت??ار ڪيو يا ڪو ٻيو پئڪيج ??خت??ار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن موجب سرڪاري م??از??ن جا ٻار سول پوس??ن تي شروعاتي مقرري جي لاءِ عمر جي حد موجب ڪانٽريڪٽ نوڪري جي لاءِ درخواست ڏ??ي سگهن ٿا، وفاقي محتسب معاملي جي اهم رخن کي نظرانداز ڪيو، حڪمن کي رد ڪيو وڃي ٿو. صدر هدايت ڪئي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن شڪ??يت ڪندڙ جي وزيراعظم جي امدادي پئڪيج تحت مقرري جي لاءِ جلد کان جلد ڪارروائي ڪري.
صدر پاران يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي فوتي ملازم جي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ