اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واق??ي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، هي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، پنجاب پوليس، پنجاب جي انتظاميا، پنجاب جا انٽيليجنس ادارا واق??ي جي جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آڻين. هن چيو ته سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي فوٽيج ڏٺي، هو زخمي ٿيو آهي، ان جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته وزيراعظم واق??ي جي شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته هي واقعو پنجاب حڪومت جي حدن ۾ ٿيو آهي، ان واقعي تي قياس آرائيون نه ٿيڻ گهرجن، هي حساس معاملو آهي، اهڙن واقعن تي قياس آرائين سان وڌيڪ اشتعال پيدا ٿي سگهي ??و. ??ن چيو ته ميڊيا کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي پنجاب پوليس ۽ پنجاب حڪومت ??اران ايندڙ حقيقتن کي نشر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ ا??له پنجاب حڪومت، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب سان رابطي ۾ آهي، جيئن ئي ڪا تصديق ٿيل اطلاع ملي ٿي اها ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي. هن چيو ته پنجاب حڪومت جهڙي طرح جو تعاون چاهيندي، وفاقي حڪومت ??راهم ڪندي. اسان پنجاب حڪومت جي رپورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران عمران خان جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر