گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستا?? جي مڪمل حمايت کي ورجائيندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري جنه?? جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، عالمي برادري کي مصيبت ۾ ورتل فلسطيني?? جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ شهري آبادي جي خلاف اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي جي فلسطين بابت ڇهه رڪني ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. او آءِ سي جي فلسطين بابت ڪميٽي ۾ پاڪستان، سينيگال، ملائيشيا ۽ گني جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ فلسطيني اٿارٽي جو اعليٰ سفارتڪار ا?? جي ڇهين ميمبر طور شامل آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل فلسطين ۾ اسرائيلي قبضي ۽ ظلم پوري وچ اوڀر ۾ عدم استحڪام، ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن جو بنيادي سبب آهن. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي جيڪو خطي ۾ عدم تحفظ ۽ انجي ڪيترن ئي تڪرارن جو جز آهي موثر طريقي سان پهرين ۽ فوري ترجيح طور حل ڪرڻ گهرجي. هن اسرائيل پاران فلسطيني شهرين بشمول ٻار?? جي مسلسل قتل ۽ زخمي ڪرڻ، مقدس جاي?? جي تق??س جي خلاف ورزي، فلسطيني?? جي گهرن کي مسمار ڪرڻ ۽ فلسطيني خاندان?? جي زبردستي لڏپلاڻ ۽ فلسطيني صحافي شيرين ابو عقيله جي بي رحماڻي قتل جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جاري رتوڇاڻ کي روڪڻ ۽ والاريل علائقن ۾ فلسطيني عوام جي انساني وقار ۽ انساني ??قن جي بحالي لاءِ ڪنهن به قدم ۾ ٻين ميمبر ملڪن سان هٿ ملائڻ جي لاءِ تيار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته فلسطيني عوام جي خلاف جاري جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. عالمي برادري کي مصيبت ۾ ورتل فلسطيني?? جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ شهري ابادي جي خلاف اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته جارحيت ڪندڙ اسرائيل ۽ مظلوم فلسطيني?? جي وچ ۾ غلط برابري پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ناقابل معافي آهن، مسلمان امت ??ي گڏيل آواز طور او آءِ سي کي ان فريبي تاثر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پاران بشمول چوٿين جنيوا ۽ ٻين انساني ??قن جي ڪنوينشنز ۽ عالمي قانو?? جي خلاف ورزي جي خلاف انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ مناسب احتسابي طريقيڪار بڻائڻ گهرجي. هڪ خودمختيار ۽ قابل عمل فلسطيني رياست جو قيام، 1967ع کان اڳ جي مڃيل حدن ۾ القدس الشريف ??ي گادي واري شهر طور تي فلسطين اسرائيل تڪرار جو واحد آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ امن عمل ضروري آهي. هن فلسطيني عوام جي جائز ??قن خاص طور تي انه?? جي مڃيل خودمختياري حاصل ڪرڻ جي لاءِ انه?? جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستا?? جي مستقل حمايت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز