اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سزائن ۾ گهٽتائي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جيلن ۾ رهندڙ قيدين جي سزائن ۾ پنجين حصي جي گهٽتائي ڪئي ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي جيڪي 15 سال يا ان کان وڌ??ڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن انهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. 60 سال يا ان کان وڏي عمر جون عورتون جيڪي 10 سال يا ان کان وڌ??ڪ قيد ڪاٽي چڪ??ون آهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. قيد جي سزا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ قيدين جي سزا تي مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪ??و ويو آهي. 20 سال جي قيد مڪمل ڪندڙ قيدين جي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪ??و ويو آهي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق موت جي سزا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙي جي ڏ??ها??ين تي نه هوندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری