اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ۽ ڪشمير جي خ??وصي حيثيت کي خ??م ڪرڻ جي غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير آئيني قدمن جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهراءُ جا ??ي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي جمعي تي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. حڪومت استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ سيمينار ۽ ڪان??رن??ن سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اھتمام ڪيو آهي. جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڊيون وينديون، جنهن ۾ هر طبقي جا ??اڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. سڄي قوم پنھنجي ڪشميرين ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندي ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلم جي خلاف هميشه انهن سان گڏ بيٺل رهندا. لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019 جي ڀارت جي خلاف غير آئيني قدمن جي مذمت جي لاءِ يوم استحصال ملهائيندا. م??ڪ جي سڀني سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريليون ۽ ٻين سرگرمين جي ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀارتي رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون سيمينارن ۽ ٻين پروگرامن جو به اهتمام ڪنديُون. يوم استحصال جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خ??موشي اختيار ڪئي ويندي. ٽريفڪ کي ??ڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خ??موشي کان پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلن تي پاڪستان ۽ آزاد جمون ۽ ڪشمير جا ??ومي ترانا وڄايا ويندا. ان کان پوءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي واري هنڌن جي اهم روڊن تي ڪشميرين جي حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوجين پاران ٿيندڙ ظلم کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽر لڳايا ويا آهن. 5 آگسٽ 2019 تي مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيه جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي خ??م ڪري ڇڏيو هو، ان قانون جي تحت ڪشمير کي خ??وصي حيثيت ڏني وئي هئي.
پاڪستان ۾ جمعي تي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : apostas quina