اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود ق??يش?? سان ايران جي سندس هم منصب حسين امير عبداللهيان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن جي وچ ۾ علائقائي خاص طور تي افغانستان جي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني پرڏيه?? وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب مخدوم شاهه محمود ق??يش?? کي ايندڙ هفتي تهران ۾ متوقع افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن ج?? وزارتي سطح جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پرڏيه?? وزير علائقائي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي قدم جي مڪمل تائيد ۽ حمايت تي ايراني پرڏيه?? وزير جا ٿورا مڃيندي ان اهم اجلاس جي وقت سر منعقد ڪرڻ تي ايراني پرڏيه?? وزير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه سان علائقائي سطح تي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي خوش آئنده آهي. شاهه محمود ق??يش?? چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي سطح تي تعاون لازمي آهي. افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون است??ما?? ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ايران جي سندس هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، افغانستان صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو