جده – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سع??دي عرب جي دوري جي ??ئي ڏينهن مدينه منوره کان جده پهچي ويو. مڪه جي گورنر خالد بن فيصل السعود ۽ سع??دي عرب جي ??ومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر مسعد بن محمد العيبان هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم مدينه منوره ۾ قيام دورن ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاضري ڏني، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي ??ماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان وفد ۾ شامل آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون غير ملڪي دورو آهي، دوري دوران وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ۽ لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتص??دي?? واپاري ۽ رابطن کي واڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سع??دي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ان موقعي تي دوست ملڪ گڏيل دلچسپي جي ??عاملن خاص طور تي ڪيترن ??ي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سع??دي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ جڙيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي ??ازوال روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام حرمين شريفين جي ??تولي کي انتها??ي عزت جي ??گاهه سان ڏسي ٿي، سع??دي عرب جي ??لي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سع??دي عرب جي ??ن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري جي ٻئي ڏينهن جده پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری