لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دور?? تي لاهور پهتو، گورنر هائوس لاهور ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظ?? سان ملاقات ڪئي، ان موقع?? تي 193 ??ي ٽي آءِ ميمبرن چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب اسيمبلي ۾ ليڊر آف دي هائوس طور نامزدگ?? تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان گڏ آهي ۽ ڪير سان گڏ نه آهي. هن چيو ته وڏي وزير عثمان بوزدار عاجزي، انڪساري ۽ رات ڏينهن محنت سان ساڍا ٽي سال گذاريا ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو، وق?? ثابت ڪندو ته وڏي وزير جي ڪارڪردگي بهترين هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، منهن??ي نظر ۾ ان جو قد وڌي ويو آهي. هن چيو ته پنج 6 مهينن کان ٻاهرين سازش جو پلان بڻجي رهيو هو ۽ هتي جا رانديگر ان جو حصو هئا، مون کي خوشي آهي ته پارٽي جا ماڻهو اسان سان گڏ بيٺل آهن، هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي پاڻ ڏسندس، مون کي خوشي آهي ته منهنجي ٽيم گڏ بيٺل آهي، هن عورتن اسيمبلي ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان تيزي سان بدلجي رهيو آهي، تڪن ۾ سياست به بدلجي وئي اهي ۽ هاڻي سڀ قومي غيرت ۽ خودداري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته چوڌري پرويز الاهي کي پورو يقين ڏياريان ٿو ته پارٽي توهان سان گڏ بيٺل آهي ۽ توهان کي ڪامياب ڪرائيندي. ان موقع?? تي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار چوڌري پرويز الاهي جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم ۽ ??ي ٽي آءِ جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته وق?? ثابت ڪندو ته هي هڪ بهترين فيصلو هو. هن چيو ته گڏيل سهڪار سان ٻنهي پارٽين کي سگهه ملندي، ??ي ٽي آءِ حڪومت پنجاب اسيمبلي ۾ رڪارڊ قانونسازي ڪئي ۽ ختم نبوت سميت قرآن مجيد جي تعليم لازمي قرار ڏني وئي، ان موقع?? تي اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، شفقت محمود ۽ پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه سميت ٻيا به موجود هئا.
جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان گڏ آهي ۽ ڪير سان گڏ نه آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا