بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) چين ۾ منعقد ??فغ??نستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي سان اربع تي هوانگ شان جي چيني اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي مل??قات ڪئي. پرڏيهي وزير چين جي رياستي ڪائونسل ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان چين جي شهر هوانگ شان جي تونسي ڊسٽرڪٽ ۾ ٻطرفي مل??قات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ چين ۾ مقرر پاڪستاني سف??ر معين الهق به ساڻس گڏ هو، پرڏيهي وز??ر موجب چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ??فغ??نستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس ۾ شرڪت ۽ چين اچڻ تي پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿوروا دا ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان کان اڳ 21 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي مل??قات ڪئي هئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ عالمي وبا، ??فغ??نستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به گفتگو ٿي. پرڏيهي وير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ چين جي مرڪزي حيثيت جو حوالو ڏيندي ”پاڪ چين آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽوپارٽنرشپ“ کي وڌيڪ گهرو ۽ مضبوط بڻائن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي پاران چين جي ”ون چائنه“ پاليسي ۽ چين جي بنيادي مفادن جي حهمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي خودمختياري علائقائي سالميت، سياسي استحڪام ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مسلسل حمايت تي چين جو ٿوروا دا ڪيو، گذريل مهيني وزيراعظم جي چين جي دوري ۽ اسٽيٽ ڪائونسل وانگ يي جي اسلام آباد جي دوري جو تذڪرو ڪندي پرڏيهي وزير پاڪ چين لاڳاپن جي واڌاري جي رفتار کي خوش آئنده قرار ڏنو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن اتفاق ڪيو ته سي پيڪ فيز II جي اعليٰ معيار، صنعتي ترقي، زرعي شعبي ۾ جدت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون، گهن رخي حصيداري جو مظهر آهي، پرڏيهي وزير ??فغ??نستان بابت لاڳاپيلا جلاس جي ميزباني تي چين جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وز??ر ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ سي پيڪ جي ??فغ??نستان تائين توسيع جي ذريعي علائقائي رابطن کي آسان بڻائڻ لاءِ پاڪستان، چين سان گڏوگڏ ??فغ??نستان جي ٻين پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ گهرا رابطن جي تسلسل تي زور ڏنو.
پاڪستان جي پرڏيهي وزير سان هوانگ شان جي چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ