اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ”دنيا ناليج اڪانومي“ طرف وڃي رهي آهي، اسان پنهنجي تعليمي نظام کي ان موجب بڻائڻو پوندو ته جيئن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ اسان جا نوجوان ملڪي معيشت ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، اسان جي مجموعي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوان تي مشتمڪل آهي، هيومن ريسورس اسان لاءِ بار نه پر قيمتي اثاثو آهن، 18 کان 45 سالن جي عمر جي نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت آسان شرطن تي قرض فراهم ڪري رهيا آهيون، 2 لک نوجوانن کي فني تربيت فراهم ڪري رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته هر سطح تي نو??رين جا موقعا پيدا ??ين?? سرڪاري سان گڏوگڏ پرائيويٽ سيڪٽر کي به نو??ريون فراهم ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهيا آهيون، پهريون ڀيرو ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي برآمدات ۾ اضافو ٿيو، هلندڙ مالي سال ۾ آءِ ٽي برآمدات 3 ارب ڊالر جڏهن ته ايندڙ 3/4 سالن ۾ 10 ارب ڊالر تائين پهچي ??ين??ي. هو بيڪن هائوس ميٽرو پوليٽن ڪيمپس ۾ نئين چونڊيل اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو. سي اي او بيڪن هائوس اسڪول ناصر قص??ري?? ڪلسٽر ڊائريڪٽر صفيه قاسم، هيڊ مسٽريس سميت استادن ۽ شاگردن جو وڏو تعداد موجود هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ تعليم سان گڏوگڏ جيڪڏهن بواءِ يا گرلز هيڊ جي ذميداري به پئجي وڃي ته ان صورتحال ۾ شاگردن جي صلاحيت ۾ اضافو ??ين??و آهي، جڏهن توهان هدف حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيو ته پوءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا به وڌي ??ين??ا آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته تعليمي ادارن ۾ ڪريٽويٽي تي فوڪس ??رڻ?? پوندو، ”ڪاپي پيسٽ“ نظام کان اڳتي ن??رڻ?? وپندو، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي اسڪل فار آل پروگرام جو آغاز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ سرٽيفڪيٽس، هاءِ ٽيڪ، بلاڪ چين ٽيڪنالاجي، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سميت 10 کان وڌيڪ ڪورسز متعارف ڪرايا ويا آهن، ٻه لک نوجوانن کي ٽيڪنيڪي تربيت جو عمل جاري آهي، هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ مختص ڪيل 100ا رب مان 28 ارب روپيا ورهائجي چڪا آهن جيڪي 10 کان 15 سالن ۾ آسان قسطن جي صورت ۾ واپس ڪرڻا پوندا، جن نوجانن وٽ آئيڊيا آهي پر سرمايو نه آهي، انهن جي لاءِ اهو پروگرام تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اسان کي نو??ريون ڏيڻ بدران نو??ريون ڏيندڙ نظام جي طرف وڃڻو آهي، جيڪڏهن ٽيڪنيڪي تربيت ملي وڃي ته فوري طور تي نوجوانن نه رڳو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن ٿا پر اهي نو??رين جا بي شمار مواقعا پيدا ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته بيڪن هائوس اسڪول، نجي تعليمي ادارن سان گڏجي اهڙي حڪمت عملي جوڙي جنهن سان نئين نسل تعليم سان گڏوگڏ ٽيڪنيڪي تربيت به حاصل ڪري سگهي.
”دنيا ناليج اڪانومي“ طرف وڃي رهي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena